رضيه ڀَٽي

رضيه ڀَٽي: رضيه ڀَٽي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي، جتي هن انگريزي ادب پڙهيو ۽ 1967ع ۾ Illustrated Weekly of Pakistan سان وابسته ٿي. ان کان پوءِ هو ماهوار ’هيرالڊ‘ ڏانهن منتقل ٿي ۽ 1975ع ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سندس تحريرون جنرل ضياءُالحق کي پسند نه آيون ۽ هُن سندس صحافت کي پسند نه ڪندي ’هيرالڊ‘ کي بند ڪرائي ڇڏيو. 1989ع ۾ ’نيوز لائين‘ جي ايڊيٽر ٿي. 1994ع ۾ ’واشنگٽن بيسڊ انٽرنيشنل وومينس ميڊيا فائونڊيشن‘ پاران ايوارڊ مليس. هوءَ ٽيهه سال صحافت سان وابسته رهي ۽ 1996ع ۾ وفات ڪيائين.


لفظ رضيه ڀَٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو